خانپور 2

خانپور 2 (بندر): خانپور سنڌو درياهه جو آڳاٽي وقت ۾ هڪ شاندار بندر رهيو آهي، جيڪو ڪوٽڙيءَ جي ويجهو هو. ڪوٽڙي بندر جي زور وٺڻ کان پوءِ هن بندر جو اوج ختم ٿيندو ويو ۽ هاڻي خانپور ۾ بندر جو وجود نه رهيو آهي. ڪوٽڙي پُل ٺهڻ کان پهرين خانپور جو بندر اوج تي هو، ٿاڻي بولا خان ۽ ٿاڻي احمد خان جو هر قسم جو سامان هن بندر تان ٻاهر ويندو هو. انهيءَ زماني ۾ خانپور کان درياهه گوني ڪنڊ ٺاهي، سڌو ڪوٽڙيءَ طرف وهندو هو ۽ ساڳي سڌائيءَ ۾ ڪاري کهي تائين ويندو هو. اڄ تائين خانپور کان درياهه ساڳئي نموني وهي ٿو. تيز تکي واءَ ۾ خانپور کان ٻيڙيون ونجهه هڻڻ کان سواءِ ڪوٽڙي ڏي وڃي نه سگهنديون هيون. خانپور بندر تي ٻيڙين کي مال لاهي اوڀارو موٽڻو پوندو هو، ان حالت ۾ ٻيڙين کي ڏکيائي ڪا نه ٿيندي هئي، پر لهوارو وڃڻ وقت ڪافي ڏکيائين کي مُنهن ڏيڻو پوندو هو. ڪوٽڙي پل ٺهڻ کان پوءِ ته خانپور جي ”منجهه“ وڌيڪ جوکائتي ٿي پئي هئي، ڏاڍي خبرداريءَ سان طوفانن سان منهن ڏيڻ وارا ملاح سيبتا ۽ سُچيت ناکئا پل پهچڻ سان ويڻي يا سکان کي اهڙو تڪڙو چڪر ڏيندا هئا، جو ٻيڙي ڦِري پُل کان ٿورو اڳ ٿي تڙ سان اچي ميل ڪري بيهندي هئي، خانپور جي ”منجهه“، ملاحن لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو هوندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو